ٽيسٽ ٽيوب بيبي

ٽيسٽ ٽيوب بيبي

ٽيسٽ ٽيوب بيبي

ٽيسٽ ٽيوب بيبي (Test Tube Baby ):مصنوعي تخم ريزي/غير قدرتي نموني ڳڀ حاصل ڪري اولادي ٿيڻ وارو هي عمل 20 هين صدي جي طبي سائنس جو هڪ وڏو اعجاز (Miracle) آهي، هن تجربي جي ڪاميابي، انهن عورتن کي اولادي ٿيڻ جي اميد ڏياري، جيڪي طبي نقص يا سبب جي ڪري ڳورهاريون نٿي ٿي سگهيون ۽ سَنڍائپ (Infertility) جي ڪري سڄي زندگي اولاد جهڙي قدرتي نعمت کان محروم رهن ها. انهي طريقي واري علاج ذريعي اهي عورتون به اولادي ٿيون آهن، جن جي بيضانئيندڙ ناليون (Fallopian Tubes) يا ڳڀ نلي (Uterine Tube) ۾ ڪا رنڊڪ هئي، يا ٻچيداني جي ٿيڙ (Uterus Displacement) سبب يا مرد جي تخمڙن (Spermules) جو ڳڀيرڻ Uterus تائين رسي نه سگهڻ ۽ ڳڀ آوري (Fertilization) جو عمل نه ٿيڻ. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن قدرتي جماع (Natural Intercourse) ذريعي ڳڀجڻ (Fertilization) ممڪن نه هجي، تڏهن جوڙي (عورت+ مرد) جا جزا، عورت جي بيضي داني (Ovaries) مان هڪ پڪو بيضو (Mature Ovum) مرد جي مادي منويه (Sperms) مان ڪيترائي تخمڙا کڻي، تجربيگاهه ۾ هڪ ڪائي جي ٽڀي (Beaker) ۾ خاص درجي حرارت، خاص نظرداري ۽ خاص مآحول ۾ رکندا آهن، انهيءَ عمل دوران جڏهن ڪو هڪ سگهارو تخمڙو (Spermula) بيضي کي ٿُوٿيندي ان جي مرڪز ۾ وڃي گهڙندو آهي ۽ بيضو (Ovum) ڳڀجي (Fertile) ويندو آهي ۽ ڳڀيل آني (Fertilized Egg) ۾ جيوگهرڙن جي واڌ ويجهه جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. تڏهن هڪ مقرر وقت تائين انهيءَ اوسر جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڳڀيل آنو/ بار آور بيضو، ڳڀ نالي/ ڳيهڻ (Utero Veginal) ذريعي ڳڀيرڻ (Uterus) ۾ پهچايو ويندو آهي، جتي ڳڀ بند ٿيل (Utero fixation) ”ڳڀيل آني“ کي ڳڀ واري شريان (Uterine Artery) ذريعي ماءُ جو رت خوراڪ پهچائيندي آهي، ان ريت ٻار جو ناڙو (Uterine) جڙندو آهي، جنهن وسيلي ٻار جي 9 مهينن تائين اوسر ٿيندي رهندي آهي. هن وقت دنيا جي سمورن ملڪن ۾ تخم ريز مرڪز/ ڳڀ جا مرڪز (Fertility Centers) قائم ٿي ويا آهن ۽ هن ايڪويهين صديءَ ۾ سنڍ عورتن ۽ مردن کي علاج ذريعي اولادي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، جن عورتن ۽ مردن جا هارموني غدود (Pituitary Gland) صحيح نموني ڪم نٿا ڪن ته انهن کي هارموني علاج (Hormonal Theoropy) ذريعي علاج ڪيو ويندو آهي. پيٽ ٿيڻ (Pregnancy) لاءِ هارمونز ٿيراپي ڪئي ويندي آهي، ان سان بيضي دانين (Ovaries) جا بيضڙا (Folliculaces) وڌي ڪري پڪي بيضي (Mature Ovum) جي صورت وٺندا آهن ۽ انهيءَ بيضي کي تجربيگاهه ۾ ڳڀيل آنو بڻائي مصنوعي ذريعي سان ٻچي داني ۾ ٿانيڪو ڪري ٻار پيدا ڪري سگهجي ٿو. هن عمل ذريعي ٻار ساڳي ريت ماءُ جي پيٽ ۾ 9 مهينا پرورش حاصل ڪري جنم وٺي ٿو. رڳو ٻار جي تخم ريزي/ ڳڀ وارو عمل ۽ ابتدائي اوسر جا ٻه- ٽي ڏينهن ڪنهن سائنسي تجربيگاهه (Laboratory) ۾ گذرن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو